خوش خير محمد فقير جو ميلو 1

خوش خير محمد فقير جو ميلو: خوش خير محمد فقير جو ميلو هر سال 20 کان 22 ربيع الاول تي ڪرونڊي تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جي پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي پهلوانن ۾ مقابلو ٿيندو آهي. ان کان علاوه ميلي ۾ اُٺن، گهوڙن ۽ ڀلن ڍڳن جي ريس جا انعامي مقابلا به ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا مشهور فنڪار حصو وٺندا آهن. ادبي ڪانفرنس پڻ ٿيندي آهي. جڏهن ته ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال ۽ دڪان سينگاريندڙن کي انعام پڻ ڏنا ويندا آهن. هن ميلي ۾ هر سال هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند ۽ مريد اچي حاضري ڀريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو